جٽادار ۽ مالياتي استحڪام کي هڪ ٻئي جو مددگار بڻائڻ اڻٽر آهي: مصدق ملڪ

نيروبي-13 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ منصفاڻي مالياتي وهڪري، مضبوط عالمي سهڪار ۽ ذميوار نجي شعبي جي شموليت جي اهميت تي زرو ڀريندي چيو آهي، ته جٽادار ۽ مالياتي استحڪام کي هڪٻئي جو مددگار بڻائڻ اڻٽر آهي. هو گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي جي موقعي تي ماحوليات ۽ عالمي مالياتي استحڪام بابت اعليٰ سطحي قيادت سان ڳالهين ۾ خيالن …

نيروبي-13 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ منصفاڻي مالياتي وهڪري، مضبوط عالمي سهڪار ۽ ذميوار نجي شعبي جي شموليت جي اهميت تي زرو ڀريندي چيو آهي، ته جٽادار ۽ مالياتي استحڪام کي هڪٻئي جو مددگار بڻائڻ اڻٽر آهي. هو گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي جي موقعي تي ماحوليات ۽ عالمي مالياتي استحڪام بابت اعليٰ سطحي قيادت سان ڳالهين ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واپار وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي ۾ گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي جي موقعي تي منعقد اعليٰ سطحي قيادت جي ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو عنوان هو ”ماحولياتي زوال کي منن ڏيڻ عالمي مالياتي نظام جي مستقبل لاءِ ڇو اڻٽر آهي“ ان اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ عالمي اڳواڻن، پاليسيون ٺاهيندڙن، مالياتي ريگيوليٽرز ۽ ماهرن شرڪت ڪئي، جتي حڪومتن طرفان اختيار ڪيل ان نظاماتي طريقيڪار تي غور ڪيو ويو جن ذريعي نجي مالياتي وسيلن کي اهڙن رستن ڏانهن موڙيو پيو وڃي جيڪي معاشي ۽ مالياتي نظام جي استحڪام کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي، حياتياتي تنوع جي نقصان، ايراضي جي خراب حالت، گدلاڻ ۽ ڪچري جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. بحٿ دوران پاليسي هم آهنگي، اثرائتو ضابطا جاتي فريم ورڪس ۽ حڪومت جي سمورن شعبن تي ٻڌل نظرئي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پائيدار ماليات کي هٿي ڏيڻ لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪري سگهجي. ان موقعي تي نجي سيڙپڪارن کي اعليٰ اثر رکندڙ شعبن جي پائيدار منتقلي لاءِ متحرڪ ڪرڻ ۽ مالياتي فيصلن ۾ ماحولياتي خطرن کي شامل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ماحولياتي زوال عالمي مالياتي نظام لاءِ سنگين نظاماتي خطرا پيدا ڪري رهيو آهي ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ هڪ گڏيل عالمي ذميواري آهي. هن چيو ته اهي ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، انهن لچڪ پيدا ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪاميابين جي تحفظ لاءِ منصفاڻي، اثرائتي ۽ پهچ جوڳي موسمياتي مالي مدد جي شديد ضرورت آهي. وفاقي وزير منصفاڻي مالياتي وهڪري، مضبوط عالمي سهڪار ۽ ذميوار نجي شعبي جي شموليت جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته پائيداري ۽ مالياتي استحڪام کي هڪٻئي جو مددگار بڻائڻ اڻٽر آهي. هن موسمياستي لچڪ تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماحول دوست مالي نظام جي جوڙجڪ لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں