اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي اثرائتين پاليسين سبب پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي سهڪار جي نون موقعن جو رستو هموار ٿيو آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ترڪيه جي اعليٰ سطهي وفد سان ملاقات ٿي. وفد ۾ ايوي ايشن، جهاز ٺاهڻ، ايرو اسپيس انجنيئرنگ، ڊرون ٽيڪنالاجي، دفاعي نظام، آٽوموٽو انجنيئرنگ ۽ ايڊوانسڊ مٽيريلز جا سينئر ماهر به شامل هئا. پاڪستان ۽ …
واپار واري وفاقي وزير جي ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي اثرائتين پاليسين سبب پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي سهڪار جي نون موقعن جو رستو هموار ٿيو آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ترڪيه جي اعليٰ سطهي وفد سان ملاقات ٿي. وفد ۾ ايوي ايشن، جهاز ٺاهڻ، ايرو اسپيس انجنيئرنگ، ڊرون ٽيڪنالاجي، دفاعي نظام، آٽوموٽو انجنيئرنگ ۽ ايڊوانسڊ مٽيريلز جا سينئر ماهر به شامل هئا. پاڪستان ۽ ترڪيه ايوي ايشن، دفاعي پيداوار ۽ هاءِ ٽيڪ صنعتن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترڪ وفد طرفان پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ مقامي مينيوفيڪچرنگ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه پراڻي شراڪتداري ۽ ايرو اسپيس، دفاعي پيداوار ۽ منرلز ڊولپمينٽ ۾ وسيع سهڪار تي اتفاق آهي. پاڪستان جي مضبوط انجنيئرنگ بيس ۽ قيمتي معدني وسيلن کي ٻنهي ملڪن جي صنعتي سهڪار لاءِ بنيادي قوت قرار ڏنو ويو. ايرو اسپيس ۽ دفاعي پيداوار ۾ ترڪ سيڙپڪاري سان پاڪستان جي ملڪي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي اميد آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جا گڏيل صنعتي منصوبا ملڪي ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ هاءِ ٽيڪ مينيوفيڪچرنگ ۾ نواڻ آڻيندا. پاڪستان جي اقتصادي ۽ دفاعي ترقي ۾ ايس آءِ ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.











