اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 14 ڊسمبر تي شڪارپور پي ايس 09، سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ عوام جي سهولت لاءِ مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري ورتو آهي. جاري بيان موجب ان سينٽر ۾ عوام کي انهي چونڊ جي حوالي سان رابطاو ڪرڻ ۽ پنهنجون سڪايتون داخل ڪرائڻ جي سهولت هوندي. شڪايتن جي وقت سر ازالي لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪئي …
اليڪشن ڪميشن پاران 14 ڊسمبر تي شڪارپور پي ايس 09 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم

مزید خبریں
اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 14 ڊسمبر تي شڪارپور پي ايس 09، سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ عوام جي سهولت لاءِ مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري ورتو آهي. جاري بيان موجب ان سينٽر ۾ عوام کي انهي چونڊ جي حوالي سان رابطاو ڪرڻ ۽ پنهنجون سڪايتون داخل ڪرائڻ جي سهولت هوندي. شڪايتن جي وقت سر ازالي لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان مقصد لاءِ سينٽر ۾ تربيت يافته عملو مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عوام جون شڪايتون داخل ڪرڻ ۽ انهن جي فوري حل لاءِ 4 سطحن تي ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيا آهن جن ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد کان علاوه صوبائي، ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. عوام ڄاڻايل ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ اي ايم سي سي سينٽر جي عملي سان اي ميل تي به رابطو ڪري سگهن ٿا. ڪميشن عوام جي سهولت لاءِ سينٽر ۾ هڪ مخصوص هيلپ لائين جي سهولت به ڏني آهي. ڪنٽرول سينٽر ۾ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي سهولت به موجود آهي. فيڪس ذريعي به شڪايتون موڪلي سگهجن ٿيون. اڄ کان رزلٽ ملڻ تائين سينٽر ۾ شڪايتون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اي ايم سي سي پول،نگ جي ڏينهن ۽ نتيجا ملڻ تائين مسلسل ڪم ڪندو.











