سانتياگو - 12 ڊسمبر (اي پي پي ) پرو هاڪي ليگ جي پهرين مرحلي جي ٻي ميچ ۾ ارجنٽائن جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي 2 جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن طرفان جاري پڌرائي مطابق ارجنٽائن جي شهر سانتياگو ۾ جاري پرو هاڪي ليگ جي پهرين مرحلي جي ٻي سنسنيخيز ميچ ۾ پاڪستان طرفان 36 هين منٽ ۾ محمد عماد ۽ 45 هين …
پرو هاڪي ليگ ۾ ارجنٽائن هٿان پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست

مزید خبریں
سانتياگو – 12 ڊسمبر (اي پي پي ) پرو هاڪي ليگ جي پهرين مرحلي جي ٻي ميچ ۾ ارجنٽائن جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي 2 جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن طرفان جاري پڌرائي مطابق ارجنٽائن جي شهر سانتياگو ۾ جاري پرو هاڪي ليگ جي پهرين مرحلي جي ٻي سنسنيخيز ميچ ۾ پاڪستان طرفان 36 هين منٽ ۾ محمد عماد ۽ 45 هين منٽ ۾ رانا وليد گول اسڪور ڪيو، جڏهن ته ارجنٽائن طرفان ڊوماس، نڪولس ۽ مائيڪا هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو . ترجمان مطابق پاڪستان پنهنجي ٽين ميچ 13 ڊسمبر تي نيڌرلينڊ جڏهن ته چوٿين ميچ 15 ڊسمبر تي ارجنٽائن خلاف کيڏندو .











