ميڊرڊ - 10 ڊسمبر(اي پي پي) دفاعي چيمپئين بارسلونا اسپين جي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي 16 هين ميچ ۾ ريال بيٽس کي هارائي 13 هين فتح حاصل ڪري ورتي آهي. پوائنٽس ٽيبل تي بارسلونا جي پهرين پوزيشن به برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي عيوض مخالف ٽيم ريال بيٽس جي ٽيم کي 5-3 جي گولن تان هارائي ڇڏيو. دفاعي چيمپئين بارسلونا طرفان سفيران ٽوريس انفرادي …
اسپينش لاليگا ۾ بارسلونا ريال بيٽس کي 5-3 تان هارائي ڇڏيو

مزید خبریں
ميڊرڊ – 10 ڊسمبر(اي پي پي) دفاعي چيمپئين بارسلونا اسپين جي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي 16 هين ميچ ۾ ريال بيٽس کي هارائي 13 هين فتح حاصل ڪري ورتي آهي. پوائنٽس ٽيبل تي بارسلونا جي پهرين پوزيشن به برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي عيوض مخالف ٽيم ريال بيٽس جي ٽيم کي 5-3 جي گولن تان هارائي ڇڏيو. دفاعي چيمپئين بارسلونا طرفان سفيران ٽوريس انفرادي طور 3 گول ڪري هيٽرڪ به مڪمل ڪئي ۽ ان ڪاميابي بعد فاتح ٽيم قيمتي ٽن پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي پوزيشن وڌيڪ بهتر ڪري ورتي آهي. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي. جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.











