ويلنگٽن -09 ڊسمبر (اي پي پي)نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 10 ڊسمبر کان بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندو. عالمي ميڊيا موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۽ هارائڻ بغير ختم ٿي وئي هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ کيڏيل پنجن ٽي - ٽوئنٽي ميچن جي سيريز …
نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انديز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻيو ٽيسٽ ميچ 10 ڊسمبر کان ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندو

مزید خبریں
ويلنگٽن -09 ڊسمبر (اي پي پي)نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 10 ڊسمبر کان بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندو. عالمي ميڊيا موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۽ هارائڻ بغير ختم ٿي وئي هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ کيڏيل پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ميزبان ڪيوي جي ٽيم 3-1 تان کٽي هئي جڏهن ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز به ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم مهمان ويسٽ انڊيز جي ٽيم کان 3-0 تان کٽي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آئي سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئين جو حصو آهي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 ڊسمبر تائين ويلنگٽن ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 18 کان 22 ڊسمبر تائين اوول، مائونٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي اڳواڻي روسٽن چيس ڪندو جڏهن ته ميزبان ڪيوي ٽيم ٽام ليٿم جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي.











