لنڊن - 8 ڊسمبر (اي پي پي)ڪرسٽل پيلس انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد فلهم کي 2-1 جي گولن تان هارائي ڇڏيو . ڪرسٽل پيلس جي اها ليگ ۾ ستين فتح آهي . آمريڪي ويب سائٽ مطابق انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 34 هين سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا …
انگلش پريمئير ليگ ۾ ڪرسٽل پيليس هٿان فلهم کي شڪست، ستين فتح حاصل

مزید خبریں
لنڊن – 8 ڊسمبر (اي پي پي)ڪرسٽل پيلس انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد فلهم کي 2-1 جي گولن تان هارائي ڇڏيو . ڪرسٽل پيلس جي اها ليگ ۾ ستين فتح آهي . آمريڪي ويب سائٽ مطابق انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 34 هين سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ڪريون ڪاٽيج لنڊن ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ ڪرسٽل پيلس ۽ فلهم جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ڪرسٽل پيلس جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد مخالف ٽيم فلهم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارائي ڇڏيو. ڪرسٽل پيلس طرفان ايڊي نڪتياه ۽ مارڪ گوهي هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري. اها ڪرسٽل پيلس جي ليگ ۾ ستين فتح آهي ۽ اها 26 پوائنٽس سان ٽيبل تي چوٿين پوزيشن تي موجود آهي. ميچ ۾ فلهم جي ٽيم طرفان واحد گول هيري ولسن ميچ جي 38 هين منٽ تي اسڪور ڪيو . واضع رهي ته آرسنل جي ٽيم سڀ کان وڌيڪ 33 پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي .











