ويلنگٽن -07 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 10 ڊسمبر کان بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿيو هو. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پنجن ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز ميزبان ڪيوي ٽيم …
نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻيو ٽيسٽ ميچ 10 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

مزید خبریں
ويلنگٽن -07 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 10 ڊسمبر کان بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿيو هو. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پنجن ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز ميزبان ڪيوي ٽيم 1-3 تان کٽي هئي. جڏهن ته 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز به ميزبان نيوزلينڊ جي ٽيم 0-3 تان کٽي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 ڊسمبر، ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 18 کان 22 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت روسٽن چيس ڪندو جڏهن ته ميزبان ڪيوي ٽيم ٽام ليٿم جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي.











