لاهور-05 ڊسمبر (اي پي پي) پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي قائداعظم ٽرافي جو فائنل کٽندڙ ٽيم ڪراچي بليوز کي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٽرافي ڏني. هن قائداعظم ٽرافي ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگرن ۾ انعام ورهايا. محسن نقوي ايمپائرز، ميچ ريفري ۽ اسڪورز ۾ به انعام ورهايا. پي سي بي چيئرمين قائداعظم ٽرافي کٽڻ تي ڪراچي بليوز جي ٽيم جي ڪپتان سعود شڪيل ۽ سمورن رانديگرن کي مبارڪون ڏنيون …
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قائداعظم ٽرافي جو فائنل کٽيندڙ ٽيم ڪراچي بليوز کي ٽرافي ڏني

مزید خبریں
لاهور-05 ڊسمبر (اي پي پي) پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي قائداعظم ٽرافي جو فائنل کٽندڙ ٽيم ڪراچي بليوز کي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٽرافي ڏني. هن قائداعظم ٽرافي ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگرن ۾ انعام ورهايا. محسن نقوي ايمپائرز، ميچ ريفري ۽ اسڪورز ۾ به انعام ورهايا. پي سي بي چيئرمين قائداعظم ٽرافي کٽڻ تي ڪراچي بليوز جي ٽيم جي ڪپتان سعود شڪيل ۽ سمورن رانديگرن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪراچي بليوز ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. ان موقعي تي چيف آپريٽنگ آفيسر پي سي بي سمير احمد، ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ عبدالله خرم، ڊائريڪٽر ميڊيا عامر مير، بورڊ آف گورنرز جا ميمبر، ريجنز جا عهديدار ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.











