وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ قومي ٽيرف ڪميشن جي جديد ڪاري بابت وزيراعظم ڪميٽي جو پنجون اجلاس

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ قومي ٽيرف ڪميشن (اين ٽي سي) جي جديد ڪاري لاءِ وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جو پنجون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، قومي ٽيرف ڪميشن جي ميمبرن ۽ واپار واري وزارت جي سينيئر …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ قومي ٽيرف ڪميشن (اين ٽي سي) جي جديد ڪاري لاءِ وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جو پنجون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، قومي ٽيرف ڪميشن جي ميمبرن ۽ واپار واري وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي ٽيرف ڪميشن جي بنيادي مقصدن، مهارت ۽ مينيڊيٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جن ۾ ڊبليو ٽي او جي ٽريڊ ريميڊي قانون، تڪرارن جي حل بابت طريقيڪار، ٽيرف ۾ سڌارن ۽ وسيع تر واپاري پاليسي بابت ذميواريون شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ جديد، موثر ۽ شفاف ٽيرف نظام ملڪ جي معاشي استحڪام، مقامي صنعتن جي تحفظ ۽ عالمي واپاري گهرجن جي پاسداري لاءِ نهايت ضروري آهي. اجلاس ۾ اين ٽي سي جي ڄاڻايل سڌارن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ اداره جاتي صلاحيت ۾ اضافي، فني مهارت کي مضبوط بڻائڻ ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي ترجيح قرار ڏنو ويو. وڌيڪ ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي خودمختياري فراهم ڪرڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن فيصلن ۾ موثر ۽ وقت سر عمل ممڪن ٿي سگهي. ان کانسواءِ اين ٽي سي کي درپيش موجوده رڪاوٽون خاص ڪري ڪائونٽر ويلنگ ميئرز ۽ سيف گارڊ انسٽرومينٽس لاڳو ڪرڻ ۾ درپيش مشڪلاتن جو قومي مصنوعات جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ان تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي ان طريقيڪار ۽ ساختي رڪاوٽن جي ازالي جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪي غير منصفاڻي واپاري روين خلاف ڪميشن جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون.