برسبين - 03 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ مينز ايشز سيريز جو ٻيو ٽيسٽ ميچ 04 ڊسمبرکان 8 ڊسمبر تائين گابا، برسبين ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو ڏينھن ۽ رات وارو ٽيسٽ ميچ هُوندو. ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي مھمان انگلينڊ خلاف پنجن ميچن تي ٻڌل ايشز سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آھي. ڪينگروز پھرين ٽيسٽ ميچ ۾ مھمان انگلينڊ ٽيم کي 8 وڪيٽن …
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جو ٻيو ٽيسٽ ميچ 04 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

مزید خبریں
برسبين – 03 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ مينز ايشز سيريز جو ٻيو ٽيسٽ ميچ 04 ڊسمبرکان 8 ڊسمبر تائين گابا، برسبين ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو ڏينھن ۽ رات وارو ٽيسٽ ميچ هُوندو. ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي مھمان انگلينڊ خلاف پنجن ميچن تي ٻڌل ايشز سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آھي. ڪينگروز پھرين ٽيسٽ ميچ ۾ مھمان انگلينڊ ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني ھئي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ مينز ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 4 کان 8 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت بھترين آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪري رھيو آھي. آسٽريلوي ٽيم فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز جي غير موجوگي ۾ بھترين آل رائونڊر اسٽيون سمٿ جي قيادت ھيٺ ميدان ۾ نظر ايندي. واضح رھي ته مينز ايشز سيريز جي شيڊول مطابق پنجن ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ 4 کان 8 ڊسمبر گابا، برسين ۾ کيڏيو ويندو، ٽيون ميچ 17 کان 21 ڊسمبر تائين ايڊيليڊ اوول، ايڊيليڊ ۾ کينديو ويندو، چوٿون ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ، ميلبورن (ايم سي جي) ۾ کيڏيو ويندو جڏھن ته پنجون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 4 کان 8 جنوري 2026ع تائين سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ، سڊني ۾ کيڏيو ويندو.











