بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ 2 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو

ڍاڪا- 01 ڊسمبر (اي پي پي) بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ فيصلائتو ميچ ٻه ڊسمبر تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي، مهمان آئرلينڊ جي ٽيم پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ ميزبان بنگلاديشي ٽيم کي 39 رنسن تان هارايو هو، جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم …

ڍاڪا- 01 ڊسمبر (اي پي پي) بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ فيصلائتو ميچ ٻه ڊسمبر تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي، مهمان آئرلينڊ جي ٽيم پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ ميزبان بنگلاديشي ٽيم کي 39 رنسن تان هارايو هو، جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي ٻين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ مهمان آئرلينڊ جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ فيصلائتي ٽي ٽونٽي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي.آئر لينڊ جي ٽيم کي پال اسٽرلنگ ليڊ ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم کي لٽن داس ليڊ ڪندو. ان کان اڳ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان بنگلاديشي ٽيم مهمان آئرلينڊ جي ٽيم کي 0-2تان هارايو هو.

مزید خبریں