لاڙڪاڻو-27 نومبر (اي پي پي) تعليمي بورڊ لاهور پاڪستان انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپيئن شپ 2025ع کٽي ورتي، جيڪو آفيسز ڪلب لاڙڪاڻو ۾ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ منعقد ٿيو. فائنل ميچ ۾، تعليمي بورڊ لاهور جي رانديگرياڻين حمنا ارشاد، فاطمه خان، نور النساء ۽ سمحا نويد وفاقي تعليمي بورڊ اسلام آباد جي رانديگرن عائشه ملڪ، مروه ۽ حريم مروه جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل کٽيو …
تعليمي بورڊ لاهور پاڪستان انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپيئن شپ 2025ع کٽي ورتي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-27 نومبر (اي پي پي) تعليمي بورڊ لاهور پاڪستان انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپيئن شپ 2025ع کٽي ورتي، جيڪو آفيسز ڪلب لاڙڪاڻو ۾ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ منعقد ٿيو. فائنل ميچ ۾، تعليمي بورڊ لاهور جي رانديگرياڻين حمنا ارشاد، فاطمه خان، نور النساء ۽ سمحا نويد وفاقي تعليمي بورڊ اسلام آباد جي رانديگرن عائشه ملڪ، مروه ۽ حريم مروه جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل کٽيو .ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾، تعليم بورڊ مردان تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽيون پوزيشن حاصل ڪئي.پاڪستان انٽر بورڊ گرلز چيمپيئن شپ ۾، تعليمي بورڊ لاهور پهرين پوزيشن، وفاقي تعليمي بورڊ اسلام آباد ٻي پوزيشن ۽ تعليمي بورڊ مردان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.رنگارنگ پڄاڻيءَ واري تقريب جو خاص مهمان ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاهر حسين سانگي هو. تقريب ۾ موجود ٻين معزز مهمانن ۾ وزير اعليٰ سنڌ جو صلاحڪار خير محمد شيخ، چيئرمين ايجوڪيشن بورڊ لاڙڪاڻو خالد حسين مهر، بيڊمنٽن سنڌ جو اڳوڻو صدر نثار الله شيخ، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايجوڪيشن بورڊ لاڙڪاڻو حاجي محمد رمضان جمالي، ڊائريڪٽر اسپورٽس مردان بورڊ محمد صابر، ڊائريڪٽر اسپورٽس مردان بورڊ ايشا، ڊائريڪٽر اسپورٽس مالاڪنڊ بورڊ اڪرام خان، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خادم حسين گوپانگ، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلز ڪاليج نئون ديرو نيلم کوکر، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو انيلا ابڙو، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن گورنمينٽ ايجوڪيشن ڪاليج سکر مسرت علي ميمڻ، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايجوڪيشن بورڊ شهيد بينظير آباد محمد عامر جمالي، زاهد علي گادي ۽ واجد علي شامل هئا.تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرياڻين ۾ تمغا، سرٽيفڪيٽ ۽ ٽرافيون ورهايون. امپائرنگ جا فرض نيلم کوکر، خادم حسين گوپانگ ۽ مسرت علي ميمڻ سرانجام ڏنا، جڏهن ته اختتامي تقريب ۾ او پي ايف پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگردن پاران هڪ خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو ويو.











