اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناليواري بيٽسمين ايڊن مارڪرم، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ڀارت خلاف گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا، ميزبان ٽيم کي تاريخي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. پروٽيز ٽيم، شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڀارتي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائيندي ان کي سندس سرزمين تي 25 سال کانپوءِ سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪيو. …
ايڊن مارڪرم پاران ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناليواري بيٽسمين ايڊن مارڪرم، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ڀارت خلاف گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا، ميزبان ٽيم کي تاريخي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. پروٽيز ٽيم، شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڀارتي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائيندي ان کي سندس سرزمين تي 25 سال کانپوءِ سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪيو. ڏکڻ آفريقا جي ڪاميابي ۾ ايڊن مارڪرم جو بيٽنگ کان هٽي به ڪردار انتهائي اهم رهيو. هن ٻنهي اننگز ۾ مجموعي طور تي 76 رنسون ٺاهيون ۽ 9 ڪيچ پڪڙيا. اهو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهرين موقعو آهي جڏهن ڪنهن فيلڊر، هڪ ميچ ۾ 9 ڪيچ پڪڙيا هجن. ان کان اڳ هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ 8 ڪيچز پڪڙڻ جو رڪارڊ ڀارت جي اجنڪيا رهاني وٽ هو، جيڪو هن 2015ع ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ٺاهيو هو.











