فيفا ۽ سعودي فنڊ پاران اسرندڙ ملڪن ۾ فٽبال انفراسٽرڪچر لاءِ هڪ ارب ڊالر جو اعلان

جنيوا-25 نومبر (اي پي پي) فيفا ۽ سعودي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ فٽبال انفراسٽرڪچر لاءِ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمنٽ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين جي رقم اسرندڙ ملڪن ۽ خطن ۾ اسپورٽس انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بحالي لاءِ مختص ڪئي ويندي. فيفا مطابق اهو فنڊ اسٽيڊيمز جي تعمير، مرمت …

جنيوا-25 نومبر (اي پي پي) فيفا ۽ سعودي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ فٽبال انفراسٽرڪچر لاءِ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمنٽ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين جي رقم اسرندڙ ملڪن ۽ خطن ۾ اسپورٽس انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بحالي لاءِ مختص ڪئي ويندي. فيفا مطابق اهو فنڊ اسٽيڊيمز جي تعمير، مرمت ۽ ان سان لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي تياري تي خرچ ڪئي ويندي، ته جئين مقامي ڪميونٽيز کي بهتر اسپورٽس سهولتون ميسر اچي سگهن. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام ۾ ترجيح انهن اسرندڙ ملڪن ۽ ان جي فيفا سان واڳيل ميمبر ايسوسيئيشنز کي ڏني ويندي جيڪي فٽبال جي ترقي لاءِ بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن.

مزید خبریں