پي ايس ايل جي نئين ٽيمن بابت گردش هيٺ خبرون بي بنياد آهن: پي سي بي ترجمان

لاهور-20 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن بي بنياد خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي ٻن نئين فرنچائرز لاءِ شهرن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي موجب ان سلسلي ۾ سامهون آيل اطلاع درست ناهن ۽ ڪنهن به فرنچائز جي نالي جو فيصلو اڃان ناهي ٿيو. …

لاهور-20 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن بي بنياد خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي ٻن نئين فرنچائرز لاءِ شهرن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي موجب ان سلسلي ۾ سامهون آيل اطلاع درست ناهن ۽ ڪنهن به فرنچائز جي نالي جو فيصلو اڃان ناهي ٿيو. پي سي بي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته طريقيڪار موجب ڪامياب واڪ ڏيندڙن کي حق حاصل هوندو ته هو واڪ دستاويزن ۾ داخل شهرن جي فهرست مان پنهنجي پسند موجب ٽيم جو نالو چونڊين. دستياب شهرن ۾ فيصل آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، سيالڪوٽ، مظفرآباد ۽ گلگت شامل آهن. بيان ۾ چيو ويو ته پي سي بي نئين فرنچائز جو حق حاصل ڪرڻ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي دلچسپي رکندڙن جي آجيان ڪري ٿو. واضح رهي ته ٽيم فرنچائز جي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده اشتهار 15 نومبر 2025ع تي شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي دنيا جي سيڙپڪارن کي واڪ جمع ڪرائڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. فني پروپوزلز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 ڊسمبر 2025ع مقرر ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں