فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي ٽڪيٽ هولڊرز کي آمريڪي ويزا لاءِ ترجيحي انٽرويوز جي سهولت ميسر هوندي

زيورخ -18 نومبر (اي پي پي) فيفا ورلڊڪپ 2026ع جا ٽڪيٽ هولڊرز هاڻي فيفا پرائيرٽي اسائنمنٽ شيڊول سسٽم (فيفا سسٽم)  تحت آمريڪا جي سفر لاءِ ويزا انٽرويوز ۾ خاص ترجيح حاصل ڪري سگهندا. اهو قدم آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ فيفا موجب ڄاڻايل سسٽم 2026ع جي شروع ۾ فعال  ٿي ويندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، گهرو وزير ڪرسٽي نوم، وائيٽ هائوس ٽاسڪ فورس  ۽ فيفا …

زيورخ -18 نومبر (اي پي پي) فيفا ورلڊڪپ 2026ع جا ٽڪيٽ هولڊرز هاڻي فيفا پرائيرٽي اسائنمنٽ شيڊول سسٽم (فيفا سسٽم)  تحت آمريڪا جي سفر لاءِ ويزا انٽرويوز ۾ خاص ترجيح حاصل ڪري سگهندا. اهو قدم آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ فيفا موجب ڄاڻايل سسٽم 2026ع جي شروع ۾ فعال  ٿي ويندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، گهرو وزير ڪرسٽي نوم، وائيٽ هائوس ٽاسڪ فورس  ۽ فيفا جي صدر جيوني انفنٽينو جي موجودگي ۾ وائيٽ هائوس ۾ منعقد تقريب دوران ان سهولت جو باقاعده اعلان ڪيو. ان سروس جو مقصد هر ان شوقين کي ترجيحي ويزا انٽرويو جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي جيڪو آمريڪا ۾ ٿيندڙ ميچن جي ٽڪيٽ خريد ڪندو. فيفا موجب اهو اعلان ورلڊڪپ جي تيارين ۾ اهم سنگ ميل آهي ۽ فيفا-وائيٽ هائوس ٽاسڪ فورس وچ ۾ مضبوط سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته ورلڊڪپ ويجهو آهي، هاڻي درخواست ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان تاريخ جو سڀ کان محفوظ ۽ عظيم ورلڊڪپ منعقد ڪري رهيا آهيون فيفا موجب 2026ع  جي ورلڊڪپ لاءِ 16 ميزبان شهرن ۾ (آمريڪا جي 11، ميڪسيڪو جي 3 ۽ ڪينيڊا جي 2) مجموعي   طور 78  ميچون کيڏيون وينديون جڏهن ته ٽورنامينٽ دوران 60 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽ دستياب هوندا. ٽڪيٽ هولڊرز  جيڪي آمريڪي ويزا لاءِ اپائنٽمينٽ حاصل ڪري سگهن ٿا، انهن کي فوري طور تي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڌيڪ تفصيل فيفا طرفان 2026ع جي شروع ۾ فراهم ڪياو ويندا.  فيفا ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن موجب 2026 ورلڊڪپ آمريڪا ۾ 185000  روزگار جا وقتي موقعا پيدا ڪندو. 30.5 ارب ڊالرن جو معاشي ڳاڻيٽو پيدا ڪندو ۽ 17.2 ارب ڊالر آمريڪي جي ڊي پي ۾ شامل ڪندو. شوقين داخلا ۽ ويزا سان لاڳاپيل مڪمل معلومات لاءِ فيفا جي انفارميشن پيج سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں