راولپنڊي-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز (اڄ) اڱاري کان راولپنڊيءَ ۾ شروع ٿيندي. سيريز جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيندي، جڏهن ته سمورا مقابلا راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. پاڪستاني ٽيم هن وقت بهترين فارم ۾ آهي. موجوده سيزن ۾ ٽيم يو اي اي ۾ ٽه ڌُري ٽي 20 سيريز ۽ ڏکڻ آفريقا …
پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز (اڄ) اڱاري کان راولپنڊيءَ ۾ شروع ٿيندي

مزید خبریں
راولپنڊي-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز (اڄ) اڱاري کان راولپنڊيءَ ۾ شروع ٿيندي. سيريز جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيندي، جڏهن ته سمورا مقابلا راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. پاڪستاني ٽيم هن وقت بهترين فارم ۾ آهي. موجوده سيزن ۾ ٽيم يو اي اي ۾ ٽه ڌُري ٽي 20 سيريز ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف ٻه طرفي ٽي 20 سيريز پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ته ايشيا ڪپ جي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ نئين ٽه ملڪي سيريز ورلڊ ڪپ 2026ع کان اڳ ٽيم جي تيارين لاءِ نهايت اهم تصور ڪئي پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا سيريز کي هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته مسلسل مضبوط ٽيمن خلاف ڪرڪيٽ ميچ سان قومي اسڪوارڊ کي پنهنجي منصوبه بندي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گذريل مهينن ۾ پاڪستان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. شارجه ۾ ٽه ملڪي سيريز کٽي ورتي. ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ۽ ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا خلاف وائيٽ بال سيريز ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. سلمان علي آغا چيو ته سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ به ٽيم بهترين نظم و ضبط پيش ڪئي، اسان ان تسلسل کي ان سيريز ۾ برقرار رکڻ لاءِ پُراميد آهيون. راولپنڊيءَ جا شوقين هميشه هوم ٽيم کي ڀرپور سپورٽ ڪندا آهن ۽ اسان مان به ان جوش ۽ جذبي جي توقع رکن ٿا. انگن اکرن موجب پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ هن وقت تائين 21 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون ويون آهن جن ۾ پاڪستان 18 ۽ زمبابوي 3 ميچون کٽيون، ٻئي طرف پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون 24 ٽي 20 مقابلن ۾ آمهون سامهون اچي چڪيون آهن جن ۾ پاڪستان 14 جڏهن ته سريلنڪا 10 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان جي اسڪوارڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، فخر زمان، صائم ايوب، بابر اعظم، صاحبزاده فرحان، عثمان خان، عبدالصمد، فهيم اشرف، محمد نواز، ابرار احمد، وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، سلمان مرزا ۽ عثمان طارق شامل آهن.











