پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ آچر تي کيڏيو ويندو

راولپنڊي -15 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ آچر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم  ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان کي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ 6 رنسن ۽ ٻي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل  ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ميچ مقامي وقت موجب ڏينهن جو اڍائي وڳي شروع ٿيندي. راولپنڊي …

راولپنڊي -15 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ آچر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم  ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان کي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ 6 رنسن ۽ ٻي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل  ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ميچ مقامي وقت موجب ڏينهن جو اڍائي وڳي شروع ٿيندي. راولپنڊي پوليس پاران ون ڊي ۽ ٽه ملڪي ٽي-20 سيريز لاءِ فول پروف سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن قومي ۽ پرڏيهي ٽيم کي  محفوظ ۽ پرسڪون ماحول فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں