راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي - 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون (اڄ) 15 نومبر تي شام جو 3 وڳي کان دستياب هونديون .پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب سيريز جون سموريون ميچون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. سيريز پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. سيريز جون سموريون ميچون شام جو 06 وڳي …
ٽه ملڪي ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽيڪٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو

مزید خبریں
راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون (اڄ) 15 نومبر تي شام جو 3 وڳي کان دستياب هونديون .پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب سيريز جون سموريون ميچون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. سيريز پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. سيريز جون سموريون ميچون شام جو 06 وڳي کان شروع ٿينديون جنهن لاءِ مختلف انڪلوزرز جي ٽڪيٽن جا اگهه به جاري ڪيا ويا آهن. جنرل انڪلوزرز جي ٽيڪٽ 200 روپيا جڏهن ته فائنل ميچ جي ٽڪيٽ ج اگهه 300 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت فرسٽ ڪلاس انڪلوزرز جي ٽڪيٽ 300 روپيا ۽ فائنل لاءِ 400 روپين ۾ دستياب هوندي. پي سي بي ٻڌايو آهي ته پريميم انڪلوزرز، وي آءِ پي انڪلورزر، پي سي بي گيلري، پلاٽينيم باڪس ۽ فار اينڊ باڪس جون ٽڪيٽ پڻ آن لائين ۽ فزيڪل مرڪزن تي وڪري لاءِ دستياب هونديون.











