پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي شيڊول ۾ معمولي تبديلي، 13 نومبر جو ميچ 14 نومبر تي ٿيندو

راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪري ڇڏي آهي. پي سي بي موجب سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ جيڪا پهرين ڪالهه 13 نومبر جو شيڊول هو، هاڻ 14 نومبر تي جمعي ڏينهن راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي وضاحت ڪئي ته 13 نومبر لاءِ خريد ڪيل سموريون ٽڪيٽون 14 نومبر جي …

راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪري ڇڏي آهي. پي سي بي موجب سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ جيڪا پهرين ڪالهه 13 نومبر جو شيڊول هو، هاڻ 14 نومبر تي جمعي ڏينهن راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي وضاحت ڪئي ته 13 نومبر لاءِ خريد ڪيل سموريون ٽڪيٽون 14 نومبر جي ميچ لاءِ به استعمال ٿينديون. اهڙيءَ طرح سيريز جو ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ جيڪا بنيادي طور 15 نومبر تي کيڏڻي هئي هاڻ 16 نومبر تي راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي موجب 15 نومبر لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽس نئين تاريخ يعني 16 نومبر جي ميچ لاءِ به ڪارآمد هونديون. واضح رهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي ان سيريز ۾ پاڪستان کي 1-0 تان برتري حاصل آهي. پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس سنسي خيز مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 6 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

مزید خبریں