سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي موجودگي اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سريلنڪا پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، سريلنڪا جي بهادر عوام سڀني چئلينجن تي قابو پائي ورتو آهي، انهن اسان کي تمام گهڻي اميد ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري …

اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سريلنڪا پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، سريلنڪا جي بهادر عوام سڀني چئلينجن تي قابو پائي ورتو آهي، انهن اسان کي تمام گهڻي اميد ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي دوري ۽ ڪرڪيٽ جي راند لاءِ مسلسل حمايت تي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي راند جي جذبي کي ساراهيُون ٿا. توهان جي موجودگي اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

مزید خبریں