سريلنڪن هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊسينيوير ٿني جو راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو

راولپنڊي-12 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊسينيوير ٿني راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، سي پي او سيد خالد همداڻي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر راولپنڊي پوليس جي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيو. ٻئي پاسي پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي ٽرائي سيريز جي موقعي تي راولپنڊي پوليس جا 5500 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار جڏهن ته 350 کان وڌيڪ ٽريفڪ …

راولپنڊي-12 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊسينيوير ٿني راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، سي پي او سيد خالد همداڻي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر راولپنڊي پوليس جي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيو. ٻئي پاسي پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي ٽرائي سيريز جي موقعي تي راولپنڊي پوليس جا 5500 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار جڏهن ته 350 کان وڌيڪ ٽريفڪ آفيسر سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ ڊيوٽيز انجام ڏئي رهيا آهن. سي پي او سيد خالد همداڻي، ايس ايس پيز ۽ ٻيا سينئر آفيسر فيلڊ ۾ موجود رهي انتظامن جي نگراني ڪري رهيا آهن. سي پي او موجب ڪرڪيٽ شوقينن ۽ ٽيمن کي محفوظ ۽ خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ راولپنڊي پوليس جي اولين ترجيح آهي، پاڪ فوج، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميه جي گڏيل تعاون سان فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو آهي.

مزید خبریں