سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي سيريز ۽ ٽه ملڪي ٽي-20 ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي وئي

راولپنڊي -09 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم چريٿ اسالنڪا جي اڳواڻي ۾ ون ڊي سيريز ۽ ٽه ملڪي ٽي-20  ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. پي سي بي موجب ٽيم کي هوائي اڏي تان سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل منتقل ڪيو ويو. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز 11 کان 15 نومبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. …

راولپنڊي -09 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم چريٿ اسالنڪا جي اڳواڻي ۾ ون ڊي سيريز ۽ ٽه ملڪي ٽي-20  ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. پي سي بي موجب ٽيم کي هوائي اڏي تان سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل منتقل ڪيو ويو. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز 11 کان 15 نومبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪرڪيٽ جا شوقين پاڪ-سريلنڪا مقابلن جا بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن. ون ڊي سريز جي پڄاڻي کان پوءِ ٽه ملڪي ٽي-20  ٽورنامينٽ جي شروعات ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان، زمبابوي ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون. ٽه ملڪي ٽورنامينٽ 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي جتي شوقينن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.

مزید خبریں