فيصل آباد-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ون ڊي سيريز (اڄ) کان شروع ٿيندي. سيريز جون ٽئي ميچون اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. پهرين ميچ (اڄ) 4 نومبر، ٻين ميچ 6 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي. اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ 17 سال کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي رهي آهي. ان گرائونڊ …
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ون ڊي سيريز (اڄ) کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
فيصل آباد-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ون ڊي سيريز (اڄ) کان شروع ٿيندي. سيريز جون ٽئي ميچون اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. پهرين ميچ (اڄ) 4 نومبر، ٻين ميچ 6 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي. اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ 17 سال کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي رهي آهي. ان گرائونڊ ۾ آخري ڀيرو انٽرنيشنل ميچ 11 اپريل 2008ع تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي وئي هئي. شاهين شاهه آفريدي پهرين ڀيرو ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي. پاڪستان اسڪواڊ ۾ شاهين شاهه آفريدي (ڪپتان)، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، حسن نواز، حسين طلعت، محمد نواز، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا شامل آهن.











