وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي: راڻا مبشر اقبال

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي معاملن واري وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، مشڪل جي هن گهڙ ي ۾ وفاقي حڪومت ڪنهن به متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين انهن سان گڏ رهندي. قومي خابرو اداري اي پي …

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي معاملن واري وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، مشڪل جي هن گهڙ ي ۾ وفاقي حڪومت ڪنهن به متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين انهن سان گڏ رهندي. قومي خابرو اداري اي پي پي سان ڳالهائيندي راڻا مبشر اقبال ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوري امدادي سرگرمين سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي جا منصوبا به ترتيب ڏنا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سمورن وفاقي وزيرن کي مختلف ضلعن جون ذميواريون سونپيون ويون آهن ته جيئن امدادي ڪاررواين جي نگراني ۽ متاثر خاندانن تائين سڌي ريت مدد پهچائي سگهجي. راڻا مبشر اقبال موجب کيس ضلعي صوابي ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن جي نگراني جي ذميواري ڏني وئي جتي هن مقامي انتظاميه جي تعاون سان امدادي ڪارروايون موثر طريقي سان مڪمل ڪيون. ان موقعي تي هن ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت موجب معاوضي جا چيڪ ورهايا. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ مالي امداد انساني جانين جي ضايع جي متبادل نٿي ٿي سگهي تنهن ڪري هي حڪومت طرفان همدردي ۽ عملي تعاون جي علامت آهي جيڪا متاثر خاندانن لاءِ سهارو ثابت ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي، گهرن جي نئين سر تعمير، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته امداد جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. راڻا مبشر اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي قومي ترجيح آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ويجهي تعاون ذريعي اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجتماعي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻوڏ متاثر جلد پنهنجي گهرن ۽ روزگار جي بحالي جي عمل ۾ ڪامياب ٿيندا.