ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس، ريل جي وقت سر روانگي، مسافرن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ ريلوي ٽريڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي واري وزارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾  ريل جي وقت سر روانگي، مسافرن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ ريلوي ٽريڪس جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ريلوي ۾ جاري ترقياتي رٿائن، سسٽم اپ گريڊيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي …

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي واري وزارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾  ريل جي وقت سر روانگي، مسافرن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ ريلوي ٽريڪس جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ريلوي ۾ جاري ترقياتي رٿائن، سسٽم اپ گريڊيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڪجهه ڏينهن اڳ گجرات ريلوي ڦاٽڪ تي گيٽ مين محمد افضل تي ٿيل تشدد واري واقعي بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير ريلوي پوليس جي وقت سر ڪارروائي تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريلوي واري وزير جي هدايت تي ريلوي پوليس جوابدار شمس عباس کي گرفتار ڪري ريلوي ٿاڻي پوليس وزيرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، محمد حنيف عباسي چيو ته ڪنهن به ريلوي ملازم جي عزت نفس کي مجروح ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته پاڪستان ريلوي پنهنجي ملازمن جي تحفظ ۽ وقار کي هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ڇاڪاڻ ته ريلوي ملازمن جو احترام اداري جي عزت ۽ وقار جو اهڃاڻ آهي.