تعليمي ميدان ۾ انقلاب پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي: اورنگزيب خان کچي

خانيوال-30 آڪٽوبر (اي پي پي)ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته تعليمي ميدان ۾ انقلاب پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي، سٺي معياري تعليم هر ٻار جو حق آهي، شاگرد توڙي شاگردياڻيون علم حاصل ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪن، خواندگي واري شرح ۾ واڌ لاءِ گورنمينٽ سيڪٽر جو ڪردار به مثال آهي، بورڊ ۾ پوزيشن تي اينجلز ڪاليج انتظاميه مبارڪن جي …

خانيوال-30 آڪٽوبر (اي پي پي)ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته تعليمي ميدان ۾ انقلاب پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي، سٺي معياري تعليم هر ٻار جو حق آهي، شاگرد توڙي شاگردياڻيون علم حاصل ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪن، خواندگي واري شرح ۾ واڌ لاءِ گورنمينٽ سيڪٽر جو ڪردار به مثال آهي، بورڊ ۾ پوزيشن تي اينجلز ڪاليج انتظاميه مبارڪن جي حقدار آهي. اهڙو اظهار هن اينجلز گروپ آف ڪاليجز چڪ نمبر 140 موڙ ٺٽه صادق آباد روڊ ۾ منعقد جديد ڪمپيوٽر ليب ۽ بي ايس يونيورسٽي ڪيمپس جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو. هن چيو ته اينجلز گروپ آف ڪاليج علائقي جي بهترين تعليمي درسگاهه آهي جتان کان ٻار ۽ ٻارڙيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جهانزيب خان کچي طرفان سيڪنڊ ايئر ملتان بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻي مسڪان، مريم، فرسٽ ايئر ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ حجاب زهره ۽ ڪاليج جي ٽيچرز کي به اعزازي شيلڊز، ساراهي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ، ان موقعي تي علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.