وزيراعظم پاران ليپ ٽاپ اسڪيم 2025ع جو افتتاح، اڄ اي آءِ، آءِ ٽي، جديد مهارت ۽ ٽيڪنالاجيز دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن: محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم 2025ع جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته اڄ اي آءِ، آءِ ٽي، جديد مهارت ۽ ٽيڪنالاجيز دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، سعودي عرب پاڪستان جي نوجوانن کي اي آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ مفت تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، سعودي ويزن 2030ع ۽ فيفا ورلڊ ڪپ …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم 2025ع جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته اڄ اي آءِ، آءِ ٽي، جديد مهارت ۽ ٽيڪنالاجيز دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، سعودي عرب پاڪستان جي نوجوانن کي اي آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ مفت تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، سعودي ويزن 2030ع ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جي لاءِ تربيت يافته افرادي قوت سعودي عرب موڪلينداسين، سعودي عرب جي معاشي پئڪيج تي عملدرآمد سان پاڪستان جي معيشت ترقي ڪندي. شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ جيترا به وسيلا خرچ ڪرڻا پيا ڪنداسين، قوم جي عظيم فرزندن ۽ ڌيئرن جي تعليم، هنر ۽ انهن کي عظيم پاڪستاني بڻائڻ جي لاءِ 50 ارب ته ڇا 500 ارب به خرچ ٿي وڃن ته ڪا پرواهه نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم 2025ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي خوشي جو ڏينهن آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر الله تعاليٰ مون کي موقعو ڏنو آهي ته قوم جي انتهائي قابل ۽ هوشيار ٻارن آڏو بيٺل آهيان جيڪي والدين ۽ استادن جي محنت ۽ دعائن جي نتيجي ۾ قوم جا عظيم معمار بڻجي رهيا آهن، پنهنجي پاران ۽ پنهنجي حڪومت پاران بلڪه پوري قوم پاران انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعطم چيو ته ليپ ٽاپ جي پروگرام ۾ ڪجهه دير ٿي آهي ڇو ته جڏهن اهي ليپ ٽاپ پاڪستان پهتا ته انهن تي جيڪو لوگو لڳل هو اهو ڪنهن حوالي سان ذاتي تشهير جي برابر هو ته مون چيو ته ان تي لڳل لوگو مناسب نه آهي، لوگو تبديل ڪرڻ گهرجي، ملڪ جا هي نوجوان، هي ڌيئرون ليپ ٽاپ وٺي پاڪستان کي عظيم  بنائيندا، هي ميرٽ ۽ ڏينهن رات محنت جو امتحان آهي، پوري ملڪ ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته 2011ع کان اهو پروگرام شروع ٿيو جيڪڏهن مجموعي قيمت لڳائي وڃي ته اٽڪل 40، 50 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا هوندا پر قوم جي عظيم پٽن ۽ ڌيئرن جي تعليم، هنر ۽ انهن کي عظيم پاڪستاني بڻائڻ جي لاءِ 50 ارب ته ڇا 500 ارب به خرچ ٿي وڃن ته ڪا پرواهه نه آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي ليپ ٽاپ کان ڳالهه تمام اڳتي هلي وئي آهي اڄ اي آءِ، آءِ ٽي، جديد مهارت ۽ ٽيڪنالاجيز دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، سعودي عرب اي آءِ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي اربين ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي ۽ هن اربين ڊالر جو روڊ ميپ ۽ انفراسٽرڪچر ٺاهيو آهي، سعودي عرب پاڪستاني نوجوانن کي اي آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ مفت تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، هڪ نئون رستو کليو آهي، سعودي عرب ۽ پاڪستان عظيم ڀائر ملڪ آهن، اهي چون ٿا ته اسان جو جيڪو ڪجهه آهي اهو پاڪستان جي ڪروڙين ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ آهي. سعودي عرب پاڪستان جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته هن پاڪستان جي لاءِ معاشي پئڪيج ڏيڻ تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جا هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورا ادا ڪيا آهن. مون کي پوري اميد آهي جڏهن اسان گڏجي ان تي عمل پيرا ٿينداسين ته زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ آءِ ٽي سميت پاڪستان جي معيشت ترقي ڪندي. سعودي عرب ۾ 2030ع ۾ هڪ عالمي نمائش ٿيڻ وڃي رهي آهي اتي 2034ع ۾ فيفا ورلڊ ڪپ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان جي لاءِ سعودي عرب کي نه رڳو اربين ڊالر جي تعميرات ڪرڻي آهي پر انهن کي هزارين لکين انتهائي مهارت رکندڙ افرادي قوت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته سندس پوري ڪوشش هوندي ۽ سڄو زور ڏئي هزارين لکين هنرمند ٻار ۽ ٻارڙين کي سعودي عرب موڪلينداسين ۽ پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته ليپ ٽاپ وصول ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڏينهن رات محنت ڪري اهو مقام حاصل ڪيو آهي. نوجوان ذاڪر الله تمام خوبصورت اردو ۽ عربي ۾ ڳالهه ڪئي آئون عربي ڳالهائڻ ۾ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهان. وزيراعظم چيو ته هتي قوم جي هڪ شهيد جو فرزند اسٽيج تي آيو ان جي والد قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي يتيم ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو رت پاڪستان کي ڏنو ۽ شهادت ماڻي، شهيد پنهنجي پٽ کي يتيم کي ڪري ڇڏيو پر قوم جي لکين ڪروڙين فرزندن ۽ ڌيئرن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، اهو شهادت، جرئت، محنت، امانت ۽ ديانت جو سفر آهي. وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي ڪامياب بڻائڻ تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ انهن جي پوري ٽيم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته جيستائين وٽس ذميواري آهي، هو ملڪ جي نوجوان نسل جي بهتري، اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ جيترا به وسيلا گهربل هوندا، انهن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته اسان کي ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، ملڪي وسيلن کي استعمال ڪري گڏجي پاڪستان کي قائداعظم ۽ علامه محمد اقبال جي خوابن موجب هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف بطور وڏي وزير 2010ع ۾ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ منصوبو شروع ڪيو، وڏا وڏا چئلينجز آيا، ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو پر محمد شهباز شريف چيو ته هڪ پئسي جي به فنڊز ۾ ڪٽوتي نه ڪنداسين، اسان کي فخر آهي پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي پاليسي ڏني آهي، اڄ پاڪستان جي ٻارن جو مستقبل وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير محفوظ  بڻائي رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم بابت نوجوانن پنهنجي تاثر جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو. عالمي اسلامي يونيورسٽي مان ايم فل ڪندڙ شاگرد ذاڪر الله چيو ته هي ليپ ٽاپ منهنجي لاءِ ڪافي مددگار ثابت ٿيو آهي، ليپ ٽاپ اسڪيم نوجوانن جي مستقبل تي سيڙپڪاري آهي. هي ليپ ٽاپ رڳو هڪ مشين نه آهي پر زندگي بدلائڻ جي ڊيوائس آهي. بلوچستان جي ضلعي نصير آباد سان تعلق رکندڙ شاگرد ڪامران خان چيو ته اسان 7 ڀينر ڀائر آهيون ۽ الحمدالله سڀ تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون پاڪستان سان محبت ۽ ملڪ ۽ قوم جي حفاظت اسان سڀني جو فرض آهي ۽ اهو سبق مون پنهنجي والد کان سکيو آهي، منهنجو والد بلوچستان پوليس ۾ اي ايس آءِ آهي ۽ هو پنهنجي سرزمين جي حفاظت جي لاءِ سدائين فرنٽ لائين تي تيار رهي  ٿو، کيس پوليس يونيفارم ۾ ڏسي ٻاروتڻ کان ئي اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته آئون به سي ايس ايس ڪري پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ پنهنجي ملڪ جو محافظ بڻجندس، اسان جي گهر وسيلا محدود هئا پر خواب وڏا آهن، بلوچستان جي نوجوانن تائين وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جو پهچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي پر جذبو سچو هجي ته الله تعاليٰ جي مدد توهان تائين پهچي وڃي ٿي، منهنجي 90 سيڪڙو پڙهائي هن ليپ ٽاپ جي مدد سان ئي ٿئي ٿي ان کانسواءِ هي ليپ ٽاپ رڳو تعليمي مقصدن جي لاءِ ئي نه آهي هن منهنجي ڪيريئر ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ڪئي، ان جي مدد سان پاڻ کي مالي طور تي خودمختيار بڻايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن کي سلام پيش ڪريان ٿو. 2023ع ۾ ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ بي بي درجان چيو ته مون خواب ڏٺو هو ته آئون ڊاڪٽر ٿينديس، هي ليپ ٽاپ منهنجي تعليم جو حصو ئي نه آهي پر منهنجي دعائن جو صلو به آهي. وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم منهنجي خوابن کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو. نيت صاف هجي ۽ جذبو سچو هجي ته منزل ڏُور ناهي رهندي. وزيراعظم سان ويهڪ منهنجي لاءِ فخر جوڳي ۽ هڪ اعزاز آهي. اڄ آئون بلوچستان ۽ پاڪستان جي ڌيءَ هتي بيٺل آهيان. وزيراعظم بلوچستان جي ڌيءَ درجان کي پنهنجي سيٽ تي ويهاري ڇڏيو ۽ سندس ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ان موقعي تي پورو هال تاڙين سان گونجي اٿيو. خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ 2024ع ۾ ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ محمد رفيق آفريدي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو پٽ آهيان، شهيد والد جي مشن کي پورو ڪرڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف منهنجو ساٿ ڏنو آهي، ليپ ٽاپ اسڪيم تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي، مون کي ليپ ٽاپ مڪمل طور تي ميرٽ تي مليو. ايئر يونيورسٽي جي شاگردياڻي عرشيه گل چيو ته هي انتهائي اهم اسڪيم آهي، ان کي جاري رهڻ گهرجي. يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ٽيڪسلا جي شاگردياڻين سميه ضياءَ ۽ عائشه ضيآءَ پڻ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ ان کي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تاريخي قدم قرار ڏنو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.