وزيراعظم پاران سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ادارن، ڪمپنين ۽ ماڻهن جو ٽن هفتن جي اندر پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ادارن، ڪمپنين ۽ ماڻهن جو ٽن هفتن جي اندر پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرال جي نظام جي عالمي ڪنسلٽينسي فرم کان فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ادارن، ڪمپنين ۽ ماڻهن جو ٽن هفتن جي اندر پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرال جي نظام جي عالمي ڪنسلٽينسي فرم کان فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، علي پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي واشنگٽن ۾ منعقد سالياني ورلڊ بئنڪ ڪانفرنس ۾ ايف بي آر جي شموليت بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي ڪانفرنس ۾ ايف بي آر سڌارن جي ڪيس اسٽڊي کي ساراهڻ تي ايف بي آر جي ٽيم جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم کي ايف بي آر خاص طور تي پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. پرال جي موجوده لاڳو سڌارن ۾ آڊٽ والٽ، ڊيٽا بيس پروٽيڪشن وال، سيڪيورٽي آپريشن سينٽر، ڊيٽا بيس مستقل نگراني ۽ ٻيا ڪيترائي محفوظ ڊيجيٽل قدم شامل آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موجوده ڊيجيٽل نظام ۾ صلاحيت موجود آهي ته معلومات ۾ تبديلي سان صارف جي آءِ پي ايڊريس پڻ سسٽم ۾ داخل ٿي ويندي ۽ ٽيڪس فراڊ ممڪن نه ٿيندو. اجلاس ۾ 2019 – 2018ع ۾ شروع ٿيندڙ سيلز ٽيڪس فراڊ جي حوالي سان جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي پرال جي متروڪ نظام جي ڪري ڪيل سيلز ٽيڪس فراڊ جي حوالي سان وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم 2018ع کان شروع ٿيندڙ ان سيلز ٽيڪس فراڊ جو نوٽيس ورتو هو ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهي هئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پرال ۾ سيلز ٽيڪس فراڊ متروڪ ڊيجيٽل نظام، نظام ۾ نگراني جي عدم موجودگي ۽ پرال جي ڊيٽا بيس محفوظ نه هجڻ جي ڪري ٿيو هو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نظام جي خامين جي تدارڪ جي لاءِ ڪيترائي سڌارا آندا ويا آهن جيڪي مجموعي سڌارن جو حصو آهن. وزيراعظم ماضي ۾ سيلز ٽيڪس ۾ ڪيل فراڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته پرال جي نظام جي عالمي ڪنسلٽينسي فرم کان فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. وزيراعظم سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ادارن، ڪمپنين ۽ ماڻهن جي سڃاڻپ جي لاءِ جاچ ڪري جاچ ڪميٽي کي 3 هفتن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ايندڙ جاچ رپورٽ ۾ سڃاڻپ ٿيندڙ ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي.