نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم شعبي جي موجوده انفراسٽرڪچر ۽ آر ايل اين جي ۽ ان سان واڳيل شعبن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، پيٽروليم واري سيڪريٽري، اوگرا چيئرمين ۽ پيٽروليم واري وزارت جي …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم شعبي جي موجوده انفراسٽرڪچر ۽ آر ايل اين جي ۽ ان سان واڳيل شعبن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، پيٽروليم واري سيڪريٽري، اوگرا چيئرمين ۽ پيٽروليم واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪارڪردگي وڌائڻ ۽ چٽاڀيٽي قيمتن تي معياري پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل فني اپ گريڊيشن ۽ سسٽمز جي هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو.