مسقط-30 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مسقط ۾ عمان جي شاهي وزير جنرل سلطان بن محمد النعماني سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ - عمان لاڳاپن، پاڪستاني شهرين جي ويزا مسئلي جي حل ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ٻنهن اڳواڻن خطي جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مسقط ۾ عمان جي شاهي وزير سان ملاقات
مسقط-30 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مسقط ۾ عمان جي شاهي وزير جنرل سلطان بن محمد النعماني سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – عمان لاڳاپن، پاڪستاني شهرين جي ويزا مسئلي جي حل ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ٻنهن اڳواڻن خطي جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عمان ۽ پاڪستان گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن. عمان ۾ لکين پاڪستاني روزگار سان لاڳاپيل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي معيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن . هن چيو ته ويزا پاليسي ۾ آسانين سبب وڌيڪ هنرمند پاڪستاني ورڪر عمان وڃي سگهندا ۽ اهو قدم ٻنهي برادر ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان عمان سان گڏجي هرسطح تي شراڪتداري ۽ سهڪار ۾ اضافو چاهي ٿو. عمان جي شاهي وزير جنرل سلطان بن محمد النعماني ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي ويجها رابطا برقرار رکڻ گهرجن.











