سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز  جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين

اسلام آباد - 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي حمايت يافته گروهه کي پاڪستان جي سر زمين تي پهچڻ نه ڏنو ويندو. ڪامياب آپريشن دهشتگردي جي روڪ ٿام واري مهم جي ڪاميابي کي ثابت ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڪيورٽي …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي حمايت يافته گروهه کي پاڪستان جي سر زمين تي پهچڻ نه ڏنو ويندو. ڪامياب آپريشن دهشتگردي جي روڪ ٿام واري مهم جي ڪاميابي کي ثابت ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي دوران 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو،  دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اسان جو مقصد آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ۽ فوج هڪ پيج تي آهن، دشمن جي مداخلت اسان جا حوصلا ڪمزور نٿي ڪري سگهي. ڀارتي حمايت يافته گروهه کي پاڪستان جي ڌرتي تي پهچڻ نه ڏنو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي قوم کي فخر آهي. هن چيو ته آپريشن دهشتگردي جي روڪ ٿام جي مهم کي ڪامياب ثابت ڪيو آهي، هر سازش کي ناڪام بڻائي ملڪ کي ترقي ۽ امن طرف گامزن ڪنداسين.