اسلام آباد- 30آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرم ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جرئت ۽ بهادري سان 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري وطن کي هڪ وڏي نقصان کان بچايو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ هن آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن نعمان سليم سميت …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪرم ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 30آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرم ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جرئت ۽ بهادري سان 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري وطن کي هڪ وڏي نقصان کان بچايو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ هن آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن نعمان سليم سميت ڇهن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر پٽن ۽ وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙن تي فخر آهي. قوم پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي مدد سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. اسپيڪر شهيدن جي ڪٽنب سان دلي تعزيت، همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا گهري.











