پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران سيزن 26-2025ع لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪانٽريڪٽس جو اعلان

اسلام آباد - 30آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ڪرڪيٽ سيزن سال 26-2025ع لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪانٽريڪٽس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 157 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي ڪانٽريڪٽس ڏنا ويا آهن. پي سي بي ترجمان موجب ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽس جو مدو آگسٽ 2025ع کان جولاءِ 2026ع تائين آهي، ڪانٽريڪٽس جو تعداد 131 مان وڌائي 157 ڪيو ويو آهي. هيڊ ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽس ۾ ٽن  بدران چار  ڪيٽيگريز رکيون ويون آهن. ڪيٽيگريز …

اسلام آباد – 30آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ڪرڪيٽ سيزن سال 26-2025ع لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪانٽريڪٽس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 157 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي ڪانٽريڪٽس ڏنا ويا آهن. پي سي بي ترجمان موجب ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽس جو مدو آگسٽ 2025ع کان جولاءِ 2026ع تائين آهي، ڪانٽريڪٽس جو تعداد 131 مان وڌائي 157 ڪيو ويو آهي. هيڊ ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽس ۾ ٽن  بدران چار  ڪيٽيگريز رکيون ويون آهن. ڪيٽيگريز هڪ ۾ 30، ٻه ۾ 55، ٽي ۾ 51 ۽ چوٿين ۾ 21 رانديگر شامل آهن. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪانٽريڪٽس گذريل سال جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ٺاهيا ويا آهن.