اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي دراندازي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۾ هڪ ٻيو نمايان ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڀارت جي پٺڀرائي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جي سرغه سميت چئن …
صدر پاران باجوڙ ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي دراندازي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي دراندازي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۾ هڪ ٻيو نمايان ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڀارت جي پٺڀرائي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جي سرغه سميت چئن دهشتگردن کي مارڻ کي قوم جي عزم ۽ حوصلي جي ڪاميابي قرار ڏنو. هن ملڪ جي دفاع ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قرباني جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي خلاف ”عزمِ استحڪام“ تحت جاري آپريشن پاڪستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.











