باڪو- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آئين عوام ۽ رياست وچ ۾ پائيدار معاهدو آهي، آذربائيجان آئيني استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جو روشن مثال آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان تاريخي ۽ مذهبي هڪجهڙائين ۾ ڳنڍيل آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن باڪو ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آئين رياستي …
آئين عوام ۽ رياست وچ ۾ پائيدار معاهدو آهي، آذربائيجان آئيني استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جو روشن مثال آهي: سينيٽ چيئرمين
باڪو- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آئين عوام ۽ رياست وچ ۾ پائيدار معاهدو آهي، آذربائيجان آئيني استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جو روشن مثال آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان تاريخي ۽ مذهبي هڪجهڙائين ۾ ڳنڍيل آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن باڪو ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آئين رياستي خودمختياري، قومي وحدت ۽ انصاف جي علامت آهي، آئين عوام ۽ رياست وچ ۾ پائيدار معاهدو آهي، آذربائيجان آئيني استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جو روشن مثال آهي. هن چيو ته صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان ترقي ۽ خودمختياري جي نئين تاريخ لکي آهي. هن آئين جي 30 هين سالگرهه تي آذربايئجان جي عوام ۽ قيادت کي مبارڪون ڏنيون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 2025ع کي آئين ۽ خودمختياري جو سال قرار ڏيڻ آذربائيجان جي جمهوري عزم جو ثبوت آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان تاريخي ۽ مذهبي هڪجهڙاين ۾ ڳنڍيل آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو آئين آزادي، خودمختياري ۽ جمهوري استحڪام جي ضمانت آهي، 18 هين آئيني ترميم وفاق جي مضبوطي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي علامت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ انساني حقن، عورتن جي بااختيار هجڻ ۽ عدالتي شفافيت لاءِ نمايان قانونسازي ڪئي. هن چيو ته خودمختياري اڄ جي دور ۾ گڏيل تعاون ۽ عالمي قانونن جي احترام سان ممڪن آهي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوامي شموليت ئي پائيدار خودمختياري جو رستو آهي. هن چيو ته ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته باڪو ڪانفرنس عالمي پارلياماني يڪجهتي ۽ آئيني جمهوريت کي هٿي ڏيڻ جي علامت آهي.











