اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) ۽ اقبال ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ سينٽر، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي حصيداري سان پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ ڪنٽريڪٽ مئنيجمينٽ جي چئن مهينن جي پيشيواراڻي ڊپلوما ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب ٿي. ان پروگرام سرڪاري شعبي جي آفيسرن کي خريداري جي قانونن، اي پروڪيورمنٽ ۽ معاهداتي معاملن ۾ مهارت فراهم ڪئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پيپرا …
وزيراعظم جي ويزن موجب پيپرا سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ سرگرم عمل آهي: ايم ڊي پيپرا حسنات احمد قريشي
اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) ۽ اقبال ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ سينٽر، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي حصيداري سان پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ ڪنٽريڪٽ مئنيجمينٽ جي چئن مهينن جي پيشيواراڻي ڊپلوما ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب ٿي. ان پروگرام سرڪاري شعبي جي آفيسرن کي خريداري جي قانونن، اي پروڪيورمنٽ ۽ معاهداتي معاملن ۾ مهارت فراهم ڪئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب پيپرا سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان پروڪيورمنٽ ٽريننگ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو پروڪيورمنٽ جي حوالي سان تربيتي معيار کي جامع، هڪ جهڙو ۽ انتهائي ڪارائتو بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پيپرا جي ايم ڊي اعلان ڪيو ته يونيورسٽين سان گڏجي جلد ئي پروڪيورمنٽ ماسٽرز ڊگري پروگرام شروع ڪيو ويندو ته جيئن سرڪاري شعبي ۾ تربيت يافته ماهرن جي مستقل فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته پيپرا ٿنڪ ٽينڪس ۽ تعليمي ادارن سان حصيداري کي فروغ ڏئي ٽيڪنالاجي جي ذريعي حاصل ڊيٽا تي ٻڌل فيصلاسازي کي سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پيپرا وفاقي ادارن جي معاونت جي لاءِ آزاد ماهرن جو پول جوڙي رهيو آهي جيڪو شڪايتن جي آزاداڻي ازالي ۽ نگراني جي ذريعي شفافيت ۽ انصاف کي هٿي ڏيندو. پيپرا جي ايم ڊي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ادارو جديد ٽيڪنالاجي، پاليسي سازي ۽ جامع تربيتي پروگرام جي ذريعي پروڪيورمنٽ نظام کي جديد رخن تي قائم ڪري رهيو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي پيپرا ايم ڊي حسنات احمد قريشي ۽ جنرل مئنيجر آءِ اي ڊي سي نسٽ محمد علي شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي لاڳاپيل ادارن ۾ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ خريداري جي عمل کي جديد، شفاف ۽ پيشيواراڻي رخن تي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











