اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستاني قوم هميشه ترڪيه جي عوام سان محبت، قربت ۽ اخوت جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان هميشه پاڪستان سان هر مشڪل گهڙي ۾ بيهڻ جو عزم رکيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اها دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اهڙو اظهار هن يادگار پاڪستان تي ترڪيه جي قومي ڏينهن جي حوالي سان تقريب …
پاڪستاني قوم هميشه ترڪيه جي عوام سان محبت، قربت ۽ اخوت جو مظاهرو ڪيو آهي: راڻا مشهود احمد خان
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستاني قوم هميشه ترڪيه جي عوام سان محبت، قربت ۽ اخوت جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان هميشه پاڪستان سان هر مشڪل گهڙي ۾ بيهڻ جو عزم رکيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اها دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اهڙو اظهار هن يادگار پاڪستان تي ترڪيه جي قومي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير عدنان نذير اوغلو به موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي راڻا مشهود احمد خان چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي تاريخ جي سنهري ورقن ۾ لکيل آهي، خلافت تحريڪ جي دور کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني قوم هميشه ترڪيه جي عوام سان محبت، قربت ۽ اخوت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ ترڪيه جي قومي ڏينهن تي اسان يادگار پاڪستان کان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا نه رڳو حڪومتن جي سطح تي پر عوام جي دلين ۾ به آهن. هن چيو ته ترڪيه ثقافتي هفتو هن وقت پوري پاڪستان ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جنهن تحت مختلف شهرن ۾ ثقافتي نمائشون، ميوزڪ ڪنسرٽس ۽ فوٽو ايڪزيبيشنز منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ثقافتي رشتن کي اجاگر ڪري سگهجي. ان موقعي تي هن ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت کي قومي ڏينهن جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان ترڪيه قوم جي جذبي، ترقي جي عزم ۽ ثقافتي خودي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ ترڪيه جي ادارن سان حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي ته جيئن نوجوان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي ۽ ثقافتي پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهن. ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان کي پنهنجو ويجهو ڀائر ملڪ سمجهي ٿو، هن چيو ته اسان هميشه پاڪستان سان هر مشڪل گهڙي ۾ گڏ بيهڻ جو عزم رکيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اها دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. تقريب جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ دعا سان ٿي.











