پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻين ٽي 20 ميچ (سڀاڻي) قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي

لاهور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي - 20 سيريز جي ٻين ميچ (سڀاڻي)31 آڪٽونر جي رات 8 وڳي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ٽاس 7:30 وڳي رات ٿيندي. ميچ کيڏڻ لاءِ ٻئي ٽيمون لاهور پهچي ويون آهن. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم، پاڪستان ٽيم خلاف راولپنڊي …

لاهور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – 20 سيريز جي ٻين ميچ (سڀاڻي)31 آڪٽونر جي رات 8 وڳي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ٽاس 7:30 وڳي رات ٿيندي. ميچ کيڏڻ لاءِ ٻئي ٽيمون لاهور پهچي ويون آهن. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم، پاڪستان ٽيم خلاف راولپنڊي ۾ ٿيل پهرين ٽي 20 ميچ 55 رنسن تان کٽيو هو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاهور ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ميچ کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي ته جئين سيريز ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم جي هڪ ٻڙي جي سرسي کي ختم ڪري سگهي.