پاڪستان اڀرندڙ عالمي رجحانن موجب پنهنجي عدالتي ۽ قانوني نظام کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان اڀرندڙ عالمي رجحانن موجب پنهنجي عدالتي ۽ قانوني نظام کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آهي ته جيئن ڊجيٽل دور ۾ شهرين جي وڌندڙ اميدن موجب انصاف جي فراهمي کي تيز، شفاف ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سينيٽر اعظم …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان اڀرندڙ عالمي رجحانن موجب پنهنجي عدالتي ۽ قانوني نظام کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آهي ته جيئن ڊجيٽل دور ۾ شهرين جي وڌندڙ اميدن موجب انصاف جي فراهمي کي تيز، شفاف ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اهڙو اظهار روسي فيڊريشن جي ميزباني هيٺ منعقد شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي انصاف وارن وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ۽ پاڪستان ۾ جاري قانوني سڌارن ۽ ڊجيٽل قدمن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت تحت جاري مختلف سڌارن وارن منصوبن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته نوآبادياتي دور جي ناڪاره قانونن جو نئين سر جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن کين پاڪستان جي آئين ۽ عالمي معيارن موجب هم آهنگ ڪري سگهجي. هن پاڪستان ڪوڊ کي جاري ڪرڻ کي هڪ نمايان سنگ ميل قرار ڏنو، جيڪو هڪ ڊجيٽل قانوني ذخيرو آهي ۽ شهرين، وڪيلن ۽ محققن کي وفاقي قانونن، قاعدن ۽ ضابطن تائين آن لائن پهچ فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس فائلنگ ۽ نگراني جي عمل کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪيس اسائمنٽ اينڊ مينيجمينٽ سسٽم (ڪيمز) متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته متبادل تڪرارن جي حل (اي ڊي آر) کي هٿي ڏيڻ لاءِ انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آربيٽريشن سينٽر (آءِ ميڪ) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته قانونِ شهادت (1984) ۾ ترميم ذريعي وڊيو لنڪ ذريعي گواهي جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن سان عدالتي ڪارروائي اثرائتي ۽ ان ۾ سهولت پيدا ٿي آهي. هن ايس سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ قانوني شعبي جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ايس سي او ليگل ڪوآپريشن فورم ۽ گڏيل قانوني تربيتي اڪيڊمي جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن صلاحيت ۾ اضافو ٿئي، بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ڪري سگهجي ۽ سائبر ڪرائيم، اي – ڪامرس، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي ضابطن بابت ماڊل قانون تيار ڪري سگهجن. هن علائقائي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ ماڊل ايس سي او سيڙپڪاري ۽ ثالثي فريم ورڪ جي تياري تي به زور ڀريو ۽ عالمي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل قانوني تعاون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽلائيزيشن انصاف جي فراهمي جي نظام ۾ سڀ کان وڏي تبديلي آڻيندڙ عنصر آهي جيڪو شفافيت، ڪارڪردگي ۽ عوام جي عدليه تائين پهچ کي بهتر بڻائي ٿو.