سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاف گيلاني پاران ترڪيه جي يومِ جمهوريه تي مبارڪون

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ترڪيه جي يومِ جمهوريه تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، اخوت ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ترڪيه عالمي سطح تي هميشه پاڪستان جي موقف جي حمايت …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ترڪيه جي يومِ جمهوريه تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، اخوت ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ترڪيه عالمي سطح تي هميشه پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، پاڪستان به ترڪيه جي مفادن جي تحفظ ۾ هميشه ساٿ ڏنو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام وچ ۾ گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رشتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا سفارتي نه پر عوامي بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سطح تي پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مثالي آهن. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جا رابطا ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن. ترڪيه جي قيادت ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين بلندين تي پهچايو، ترڪيه جي معاشي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جا قدم واکاڻ جوڳا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ترڪيه سان برادراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه عالمي امن ۽ ترقي جي گڏيل هدفن لاءِ متحد آهن. سيد يوسف رضا گيلاني ترڪيه جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ تنمائن جو اظهار ڪيو آهي.