پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ايندڙ وائٽ بال سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان

لاهور – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڏکڻ آفريقا، سريلنڪا ۽ زمبابوي خلاف ايندڙ وائٽ بال سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق ٽي - ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 15 رڪني جڏهن ته ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 16 رڪني ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽي - ٽوئنٽي سيريز 28 آڪٽوبر کان پهرين …

لاهور – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڏکڻ آفريقا، سريلنڪا ۽ زمبابوي خلاف ايندڙ وائٽ بال سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 15 رڪني جڏهن ته ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 16 رڪني ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽي – ٽوئنٽي سيريز 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي جڏهن ته ون ڊي سيريز فيصل آباد ۾ 4 کان 8 نومبر تائين جاري رهندي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز 11 کان 15 نومبر تائين راولپنڊي ۾ منعقد ٿيندي جڏهن ته سريلنڪا ۽ زمبابوي سان ٽه ملڪي سيريز 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي مطابق عثمان طارق کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته عبدالصمد، بابر اعظم ۽ نسيم شاهه جي ٽي – ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. اهڙي طرح فيصل اڪرم، حارث رئوف ۽ حسيب الله کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ ٻيهر موقعو ڏنو ويو آهي. ٽي -ٽوئنٽي انٽرنيشنل ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو جڏهن تن شاهين شاه آفريدي ون ڊي اسڪواڊ جو ڪپتان هوندو. ٽي – ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا ڪپتان، عبدالصمد، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، حسن نواز، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان (وڪيٽ ڪيپر)، صائم ايوب، شاهين شاهه آفريدي، عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر) ۽ عثمان طارق شامل آهن جڏهن ته ريزرو رانديگرن ۾ فخر زمان، حارث رئوف، سفيان مقيم شامل آهن. اهڙي طرح ون ڊي اسڪواڊ ۾ شاهين شاهه آفريدي ڪپتان، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، حسن نواز، حسين طلعت، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا شامل آهن.