سوفيه ڪينن ۽ ڊيانا شنائيڊر پاران ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس وومينز سنگلز ۾ ڪامياب شروعات

ٽوڪيو-22 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي ٽينس اسٽار سوفيه ڪينن ۽ روس جي ٽينس رانديگرياڻي ڊيانا شنائيڊر ڊبليو ٽي اي ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب سوفيه ڪينن وومينز سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ جي ميچ ۾ وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪندڙ ميزبان رانديگرياڻي مويوڪااچچيما کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، …

ٽوڪيو-22 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي ٽينس اسٽار سوفيه ڪينن ۽ روس جي ٽينس رانديگرياڻي ڊيانا شنائيڊر ڊبليو ٽي اي ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب سوفيه ڪينن وومينز سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ جي ميچ ۾ وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪندڙ ميزبان رانديگرياڻي مويوڪااچچيما کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته روس جي ٽينس رانديگرياڻي ڊيانا شنائيڊر شروعاتي ميچ ۾ يوڪرين مخالف رانديگرياڻي ڊيانا اوليڪسنڊر يونا کي هارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام  هيٺ ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاپان ۾ جاري آهي. عورتن جي ڊبلز مقابلن جي شروعاتي مرحلي جي ميچ ۾ 26 سالن جي سوفيه ڪينن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪندڙ ميزبان رانديگرياڻي مويوڪا اچچيما کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-ا ۽ 6-3 تان شڪست ڏئي نه رڳو ايونٽ جي ڪامياب شروعات ڪئي پر ٻي رائونڊ لاءِ  پڻ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. هڪ ٻي ميچ ۾ روس جي ٽينس رانديگرياڻي ڊيانا شنائيڊر يوڪرين مخالف رانديگرياڻي ڊيانا اوليڪسنڊر يونا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 2-0 تان هارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. روس جي ڊيانا شنائيڊر جي ڪاميابي جو اسڪور 6-3 ۽ 6-ا رهيو.