پيرس _22 آڪٽوبر (اي پي پي) نوٽنگهم فاريسٽ پنهنجي يورپا فٽ بال ليگ مهم کي نئون رخ ڏيڻ لاءِ تجربيڪار ڪوچ شان ڊائچ کي ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هو خميس کان پورٽو خلاف اهم ميچ ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شان ڊائچ لاءِ اهو پهريون موقعو آهي ته هو يورپي مقابلي ۾ ڪنهن ٽيم جي باقاعده قيادت ڪندو. 54 سالن جو شان …
يورپافٽبال ليگ جي شروعات، شان ڊائچ نوٽنگهم فاريسٽ جو نئون ڪوچ بڻجي ويو

مزید خبریں
پيرس _22 آڪٽوبر (اي پي پي) نوٽنگهم فاريسٽ پنهنجي يورپا فٽ بال ليگ مهم کي نئون رخ ڏيڻ لاءِ تجربيڪار ڪوچ شان ڊائچ کي ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هو خميس کان پورٽو خلاف اهم ميچ ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شان ڊائچ لاءِ اهو پهريون موقعو آهي ته هو يورپي مقابلي ۾ ڪنهن ٽيم جي باقاعده قيادت ڪندو. 54 سالن جو شان ڊائچ معاهدي مطابق 2027ع تائين ذميواريون سنڀاليندو. شان ڊائچ هلندڙ سيزن دوران نوٽنگهم فاريسٽ جو تبديل ٿيندڙ ٽيون مينيجر آهي . جنهن کي اينجي پوسٽيڪوگلو جي برطرفي بعد ذميواريون ڏنيون ويون آهن.اينجي پوسٽيڪوگلو کي گذريل ڇنڇر ڏينهن چيلسي هٿان 3-0 جي شڪست جي ڪجهه منٽن بعد عهدي تان فارغ ڪيو ويو هو. هن جي قيادت ۾ ٽيم 08 ميچن مان هڪ ۾ به ڪاميابي نه ماڻي سگهي هئي ۽ هو رڳو 39 ڏينهن جي مختصر مدي لاءِ ٽيم سان گڏ رهيو.











