سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت مختلف ڪمپنين جي داخل درخواستن تي ٻُڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ قائم 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران مختلف ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل عابد شعبان پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. هن مؤقف اختيار ڪيو ته سينيٽ ترميم …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت مختلف ڪمپنين جي داخل درخواستن تي ٻُڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ قائم 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران مختلف ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل عابد شعبان پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. هن مؤقف اختيار ڪيو ته سينيٽ ترميم لاءِ تجويزون ڏئي ٿو، جڏهن ته ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته سينيٽ تجويزون ڏئي ٿو ۽ ترميم ڪرڻ سينيٽ جو ڪم ناهي، سينيٽ 4 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز ڏني هئي پر قومي اسيمبلي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن تي جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قومي اسيمبليءَ وٽ اختيار آهي، تجويزون شامل ڪري يا نه. بعد ۾ ٽيليڪام ڪمپنين جي وڪيل نعمان حيدر پنهنجي دليلن جي شروعات ڪئي ۽ چيو ته منهنجا مؤڪل انٽرنيٽ سروسز فراهم ڪن ٿا، مان ڪوشش ڪندس ته پهرين ڏنل دليلن کي نه ورجايان. جسٽس محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪنهن جا دليل اختيار ڪندا؟  جواب ڏنو ته مخدوم علي خان جا دليل اختيار ڪندس پر هن کي اڃا دليل ڏيڻا آهن. جنهن تي جسٽس مظهر چيو ته اوهان اڳ ئي ان جا دليل اختيار ڪيا آهن. نعمان حيدر وڌيڪ چيو ته وڪيلن جي فيس مان ايڊوانس ٽيڪس ڪٽجي ٿو، پر سپر ٽيڪس به ڏيڻو پوي ٿو. جنهن تي جسٽس مظهر ريمارڪس ڏنا ته سپر ٽيڪس ته انڪم ٽيڪس مان ڏيڻو پوندو آهي جڏهن ته انڪم ٽيڪس سميت سموريون ڪٽوٽيون ٿي چڪيون آهن ته ان کانپوءِ سپر ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو. وڪيل وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ 1961ع جو ٽيڪس قانون اختيار ڪيو پئي ويو پر هاڻ هنن اسان وارو نظام اختيار ڪيو آهي، اتي ٽيڪس ايئر پهرين اپريل کان شروع ٿئي ٿو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٽيليڪام ڪمپنين جو وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندو.

مزید خبریں