پاڪ- افعان معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگرديءَ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگرديءَ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي، معاهدي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندو، اميد آهي ته هاڻ امن بحال ٿيندو ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جا ناتا معمول تي اچي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگرديءَ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي، معاهدي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندو، اميد آهي ته هاڻ امن بحال ٿيندو ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جا ناتا معمول تي اچي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي معاهدي جي حوالي سان الجزيره کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي وفد جي سربراهه ابراهيم جا ٿورو ادا ڪريون ٿا. بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي سالن کان پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن کي متاثر ڪري رهي آهي، گذريل هفتي دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت چڪرين تائين پهچي ويو هو، ٻئي ملڪ ان نتيجي تي پهتا آهن ته دهشتگرديءَ جو خاتمو فوري ضروري آهي، ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪندا نه ته خطي جي امن کي سنگين خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته هي معاهدو بنيادي طور تي قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي سبب ٿيو آهي، معاهدي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندو جنهن ۾ معاهدي جي تفصيلن تي اتفاق ڪيو ويندو. خواجه محمد آصف چيو ته افغانستان جي بچاءَ واري وزير تسليم ڪيو ته دهشتگردي ئي اسان جي ناتن ۾ ڇڪتاڻ جو اصل سبب آهي جنهن تي هاڻ ضابطو آندو ويندو. هڪ اثرائتو طريقو واضح ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده مسئلن کي حل ڪري سگهجي. قطر ۽ ترڪيه جي موجودگي ان معاهدي تي پاڻ خود ضمانت آهي. هن چيو ته اسان گذريل سالن ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان کنيو آهي، اميد آهي ته هاڻ امن بحال ٿيندو ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جا ناتا معمول تي اچي ويندا، ان جي نتيجي ۾ پاڪ- افغان واپار ٽرانزٽ به ٻيهر شروع ٿيندو ۽ افغانستان پاڪستاني بندرگاهن کي استعمال ڪري سگهندو. بچاءَ اوري وفاقي وزير چيو ته جن افغان پناهگيرن وٽ قانوني ويزا ۽ دستاويز آهن اهي پاڪستان ۾ رهي سگهندا. افغان پناهگيرن جو وڏو انگ اهڙو آهي جن وٽ دستاويز ئي ناهن ان لاءِ سندن واپسي جاري رهندي. پاڪ افغان بارڊر جو استعمال به باضابطه هئڻ گهرجي جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هوندو آهي. هن چيو ته خدشن جي خاتمي جي حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي ته اسان 100 سيڪڙو مطمئن آهيون. اسان کي ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ ڏسڻو پوندو ته معاهدي تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان صدين کان پاڙيسري آهن، جاگرافيائي بدلائي نٿي سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان معاهدي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا ناتا سٺي نموني اڳتي وڌي سگهندا، ڀائر ملڪ قطر ۽ ترڪيه جي موجودگي اسان کي اعتماد ڏنو آهي ته سندن شڪريو ادا ڪريون ٿا.

مزید خبریں