هڪ زندگي بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ برابر آهي، اسان جا ريسيڪيورز روزانو ڪيتريون ئي زندگيون بچائين ٿا: پروفيسر احسن اقبال

لاهور-20 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته هڪ زندگي بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ برابر آهي، اسان جا ريسيڪيورز روزانو ڪيتريون ئي زندگيون بچائين ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٺوڪر نياز بيگ ۾ ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي ۾ منعقد نيشنل ريسڪيو چئلينج 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته 2008ع ۾ جڏهن مٿس قاتلاڻو حملو …

لاهور-20 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته هڪ زندگي بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ برابر آهي، اسان جا ريسيڪيورز روزانو ڪيتريون ئي زندگيون بچائين ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٺوڪر نياز بيگ ۾ ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي ۾ منعقد نيشنل ريسڪيو چئلينج 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته 2008ع ۾ جڏهن مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو ته ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن کيس وقت سر اسپتال پهچايو. هن چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ نارووال کان شروع ٿي ۽ ريسڪيو جي جوانن هزارين ماڻهن کي وقت سر حفاظت سان محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو. هن چيو ته ايندڙ نيشنل ريسڪيو چئلينج ۾ عورتن جي وڌيڪ شموليت ڏسڻ چاهيون ٿا. جيتريون عورتون ريسڪيو سروس جو حصو بڻبيون. عورتن کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ ايتري ئي آساني ٿيندي ڇاڪاڻ ته عورتون هاڻ ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان گهٽ ناهن. هن ٻُڌايو ته 1998ع ۾ جڏهن وزيراعظم محمد نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان هڪ اهم منصوبي جي سلسلي ۾ مون وٽ آيو. مون کانئس پُڇيو ته جڏهن اسان ايٽمي طاقت حاصل ڪئي ته ڪو ملڪ اسان سان گڏ نه هو، ڪنهن امداد نه ڏني، پوءِ اوهان اها ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي؟ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جنهن ڪاميابيءَ جو فارمولو ٻُڌايو، اهوئي فارمولا مون کي ريسڪيو ادارن ۾ نظر اچي ٿو ته اداري جو هر فرد چاهي اهو سيڪيورٽي گارڊ هجي يا ڊرائيور، پنهنجو پاڻ کي مشن جو حصو سمجهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ريسڪيو 1122 جي ڪاميابيءَ ۾ ڊاڪٽر رضوان نصير جهڙي باصلاحيت قيادت جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليو ته معيشت تباهه حال هئي ۽ ماڻهو چئي رهيا هئا ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، پر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان نه صرف معيشت کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو پر صرف 2 سالن ۾ ان کي ترقيءَ جي پٽڙيءَ تي آندو، جيڪا هڪ مثالي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير چيو ته حق جي ويڙهه کانپوءِ ترقيءَ جي ويڙهه لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڄ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحاليءَ جا چرچا آهن. هن چيو ته هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي بهترين حڪمت عملي حق جي ويڙهه ۾ عظيم فتح ملي. وفاقي وزير چيو ته اُڏام پاڪستان جو ويزن نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪي ترقيءَ ۾ نوجوانن جو ڪردار وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. هن چيو ته نيشنل ريسڪيو چئلينج 2025ع جهڙا مقابلا پاڪستان جي ايمرجنسي سروسز وچ ۾ پيشيوراڻي مهارت، نظم و ضبط ۽ عملي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، نيشنل ريسڪيو چئلينج دوران پاڪستان جون سرفهرست ريسڪيو ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي، مهارت ۽ ٽيم ورڪ ذريعي ايمرجنسي حالتن کي مُنهن ڏيڻ جو عملي مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ان چئلينج ۾ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جي مختلف حصن مان 15 قومي ٽيمن حصو ورتو، جنهن سنسني خيز ۽ منفرد لائيو ريسڪيو آپريشن پيش ڪيا، جن ۾ حادثا، باهه وسائڻ، بلندي تي ۽ گهري پاڻيءَ ۾ امدادي ڪاررواين جهڙا مقابلا شامل آهن. هن چيو ته اهڙا مقابلا نه صرف ريسڪيو عملي کي فني مهارتن ۾ واڌ ڪن ٿيون پر مختلف صوبن ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ تجربن جي مٽاسٽا کي پڻ هٿي ملي ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق، ڊي جي ريسڪيو ڊاڪٽر رضوان نصير سميت ٻيا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں