پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو ٻيو ۽ آخري ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع

راولپنڊي-20 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو ٻيو ۽ آخري ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. فاسٽ بالر حسن علي جي بدران اسپنر  آصف آفريدي کي ڊيبيو جو موقعو ڏنو ويو آهي. پاڪستان …

راولپنڊي-20 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو ٻيو ۽ آخري ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. فاسٽ بالر حسن علي جي بدران اسپنر  آصف آفريدي کي ڊيبيو جو موقعو ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ شان مسعود ( ڪپتان) امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر )سلمان علي آغا، نعمان علي، ساجد خان ، آصف آفريدي ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. مهمان ٽيم جي اڳواڻي ايڊن مارڪرم ڪري رهيو آهي.