اسپينش لاليگا ۾ ريال ميڊرڊ گيٽافي جي ٽيم کي سخت مقابلي کانپوءِ 1-0 جي گول تان هارائي ڇڏيو

ميڊرڊ-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ اسپين جي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي نائين ميچ ۾ گيٽافي کي هارائي هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ريال ميڊرڊ جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ گيٽافي جي ٽيم کي 1-0 جي گول تان هارائي ڇڏيو. ريال ميڊرڊ پاران ڪيلين ايمباپي ميچ جو واحد گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اها ريال ميڊرڊ جي …

ميڊرڊ-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ اسپين جي فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي نائين ميچ ۾ گيٽافي کي هارائي هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ريال ميڊرڊ جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ گيٽافي جي ٽيم کي 1-0 جي گول تان هارائي ڇڏيو. ريال ميڊرڊ پاران ڪيلين ايمباپي ميچ جو واحد گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اها ريال ميڊرڊ جي ليگ ۾ اٺين ڪاميابي آهي. ان ڪاميابي کانپوءِ ڪامياب ٽيم قيمتي ٽي پوائنٽس به حاصل ڪرڻ سميت ٽيبل تي پهرين پوزيشن ٻيهر حاصل ڪئي آهي. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.گذريل ڏينهن اسپين جي اسٽيڊيو ڪوليزيم، کيڏيل ميچ ۾ ريال ميڊرڊ جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ گيٽافي جي ٽيم کي 1-0 گول تان هارائي ڇڏيو.